شيام داس جوشي

شيام داس جوشي

شيام داس جوشي

شيام داس جوشي، پروفيسر: مشھور تعليمدان ۽ مذهبي اسڪالر پروفيسر شيام داس جوشيءَ، 10 مئي 1930ع تي مٺي شھر، ضلعي ٿرپارڪر جي هڪ برهمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. خانداني روايتن موجب هو پھرين پاٺشالا ۾ هندي ۽ سنسڪرت پڙهيو. ان کان پوءِ مٺيءَ جي پرائمري اسڪول ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ پاس ڪري، ڪجهه سال روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي. BA، MA (معاشيات) ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان زرعي معاش (Agricultural Economics) ۾ MS جي ڊگري حاصل ڪري زرعي يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. پروفيسر شيام داس جوشيءَ جو شمار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ جي بنياد رکندڙن مان هو. هو ان جو باني پرنسپال پڻ رهيو، جتان پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن هندو مذهب تي انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾: ‘سناتن ڌرم ’ ، ‘جنم اشٽمي’، ‘شريمد ڀاڳوت پراڻ’، ‘رام چرت مانس’ (ٻه ڀاڱا)، ‘پشپ واٽڪا’، ‘گوپي گيت’، ‘پرشوتم يوگ’، ‘هندو ڌرم ’ ، ‘پشڪرڻا برهمڻ’، ‘انمول وچن’، ‘سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتھاس جي هڪ جهلڪ’، ‘مھا وگيان يوگ’، ‘وناسپتي آهار’، ‘ٻارن لاءِ هدايتون’، ‘لڪشمي پوجن’، ‘سولو گهريلو جيوتش’، ‘مارڪس واد ۽ ڀڳوت گيتا’، ‘وواهه پڌتي’، ‘نتيه نئميتڪ ڪرم’، ‘وئڀو لڪشمي ورت’، ‘هندوئن جا ورت ۽ تھوار’، ‘نتيه گايتري هون وڌي’، ‘وڃا ٿو وينجهار موتي ڏيئي اڻ ميا’ ۽ ‘منھنجي ڪھاڻي منھنجي زباني’ قابل ذڪر آهن. جڏهن ته سندس انگريزي ڪتابن ۾: ‘A Glance over Pushkarna Brahmans of Dhat Thar’ ۽ ‘A Brief Scatch of Origin & Historical Background of Pushkarna’ ‘Shrimali Odichya, Sarswat and Bhojak Brahmans’ شامل آهن. 10 مارچ 2023ع تي مٺيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ شيام داس جوشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.10  عيسوي

مشھور تعليمدان ۽ مذهبي اسڪالر پروفيسر شيام داس جوشيءَ، 10 مئي 1930ع تي مٺي شھر، ضلعي ٿرپارڪر جي هڪ برهمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.


2023.03.10  عيسوي

شيام داس جوشي 10 مارچ 2023ع تي مٺيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد نور محمد شاهه
پلي خانصاحب عطا محمد
اَمانت گل
دليپ ڪمار
انو سولنگي
علياڻي قائم خان
شيخ ارشاد
دين محمد شيخ 1
خورشيد احمد شاهه
رضوي شاهه نصرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون